انقره – 26 نومبر (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکند??سي?? . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏ??نهن ڪابينه جي اجلاس بعد چيو ??ه اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پوري طاقت ۽ وسيلن سان حمايت ڪند??سي??. جيستائين نسل ڪشي ختم نه ٿي ٿئي ۽ غزه ۽ فلسطين کي مڪمل طورتي آزاد نٿو ڪيو وڃي سندن حمايت جاري رهندي . هن چيو ته ترڪيه سمورن عالمي پليٽ فارمز تي فلسطين جي حمايت ڪري رهيو آه?? . ترڪيه جي صدر چيو ??ه اسان هن مشڪل وقت ۾ مظلوم فلسطيني عوام لاءِ پنهنجي ڀائراڻي فرض کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون . اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس قاتلن جي نيٽ ورڪ جي چوڌاري گهيرو سخت ٿيندو پيو وڃي . هن چيو ته عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يو او گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪ??ا آهن جيڪو هڪ جرائت منداڻو قدم آهي.
غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين: ترڪيه جو صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت