بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي ا??سان بردار خلائي مشن کي پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چيني ??لابازن جن ۾ هڪ عورت به ??امل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز به ??امل آهي جيڪا چين جي واحد عورت خلائي ا??جنيئر آهي هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چيني ??ورت آهي. سي سي ٽي وي ٻڌايو ته خلائي عملي جي مشن ۾ چنڊ جي مٽ?? مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به ??امل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سبب چيني ??ائنسدانن کي ا??يد آهي ته هو چنڊ جي مٽ?? کي مستقبل ۾ بيس (اڏي) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، اٽڪل 10 سال تائين استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي ا??سان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين پاران انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن