ماسڪو -02 سيپٽمبر (اي پي پي) روس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فرانس پاران ٽيلي گرام جي سربراهه ??اول دروف جي گرفتاري سبب هو مشهور ميسيجنگ ايپ ( جيڪا ڪريملن ۽ ان جا مخالف ٻئي استعمال ڪن ٿا) کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو جنهن سان اهم ?? غير سينسر شده خبرن جي اهم ذريعي کان محروم ٿي سگهجي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب فيبروري 2022 ع ۾ يوڪرين خلاف جارحيت جي شروعات کانپوءِ روس اختلاف راءِ ۽ احتجاج خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي جنهن سان روس جي شهرين کي آزاد خابرو اداري ي?? اولهه جي سوشل ميڊيا جهڙوڪ فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ايڪس ( اڳوڻو ٽوئيٽر ) تائين رسائي حاصل ناهي. پاڻ ڪريملن روس جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار نه ڪرڻ تي ڪجهه عرصي لاءِ ٽيلي گرام بند ڪري ڇڏيو هيو. ماسڪو ۾ هاڻي ٽيلي گرام ۽ ان جي روس ڄائي باني دروف جي قسمت جي حوالي سان خدشو آهي جنهن تي آگسٽ جي آخر ۾ پليٽ فارم تي انتها پسنداڻي ۽ غير قانوني مواد روڪڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳايو ويو هيو.يورپي ڪميشن ان ڳالهه جي به جاچ ڪري رهي آهي ته ڇا ٽيلي گرام جا يورپ ۾ صارفين دعويٰ کان وڌيڪ آهن ۽ ان لاءِ به ته ان کي وڌيڪ سخت قانونن جي تعميل ڪرڻ گهرجي.
ٽيلي گرام جي باني جي گرفتاري بعد خبرن جي اهم ذريعي کان محروم ٿي سگهون ٿا: روس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج