تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ملڪ ج?? ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت الله خامنه اي صدر مسعود ??يز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته د??من سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ??ه هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آهي ته اسان کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته د??من سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت الله خامنه اي (جنهن کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر ??يز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته د??من تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری