رياض-17 اپريل (اي پ?? پي ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??ل سعود پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ سلطنت عمان جي فرمانروا هيثم بن طارق سان سندس مل?? ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت، همدردي ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام موڪليو. ايس پي اي موجب خادم الحرمين الشريفين پاران جاري تعزيتي پ??غام ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي تيز ??رساتن ۽ ٻوڏ سبب سلطنت عمان ۾ شهرين جي جاني نقصان کي افسوسناڪ خبر ملي اسان کي ان قدرتي سانحي تي ڏک آهي. اسان مشڪل وقت ۾ سلطنت عمان جي حڪومت ۽ برادر عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ٻئي پا??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ??ه عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي برسات سبب متاثرن لاءِ تعزيت ۽ همدردي جو پيغام موڪليو . هن ان قدرتي سانحي جي متاثرين سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل شهرين جي خيريت سان واپسي جي دعا ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڪج??ه ڏينهن ۾ سلطنت عمان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ۽ گم ٿي ويا هيا .
سعودي عرب جي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين تي عمان جي فرمانروا سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے