رياض -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهچي ويو، رياض جي رائل ايئرپورٽ تي رياض ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شه??از شريف 28 کان 29 اپريل 2024ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي سهڪار، ترقي ۽ توانائي بابت عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان دوري جي دعوت ولي عهد ۽ وزيراعظم سعودي عرب محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ عالمي اقتصادي فورم جي باني ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاس شواب ڏني هئي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو، وزيراعظم ۽ وزير واپار ۽ سيڙپڪاري جي قدمن، سيڙپڪاري جي نئين ف??يم ??رڪ?? سپلاءِ چين جي نئين سر تنظيم سازي، جٽادار ترقي ۽ توانائي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڊبليو ايم ايف ڳ??لهين ۾ شرڪت ڪندا. فورم ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت خاص طور تي عالمي صحت جي ڍانچي ۾ پاڪستان جي ترجيحن، جامع ترقي، علائقائي سهڪار کي زنده ڪرڻ ۽ ترقي ۽ توانائي جي کپت کي هٿي ڏيڻ وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو، تقريب جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم ۽ سندس وفد عالمي اڳواڻن جن ۾ سعودي قيادت، عالمي تنظيمن جا سربراهه ۽ تقريب ۾ شريڪ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ