اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ ا??سو?? جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ناليواري دانشور، شاعر، ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر احمد سليم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ا??سو?? ٿيو، احمد سليم پ??ري زندگي ثابت قدمي سان جمهوري قدرن، پورهيت عوام، ملڪ جي پٺتي پيل، محروم، ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيل رهيو. هن چيو ته احمد سليم جو لاڏاڻو منهنجي لاءِ ذاتي نقصان آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت