اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوش??ن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊگھي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿ?? پورٽر ۽ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي ريزيڊنٽ نمائندي ايسٿر پيري?? ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽينڊ بائي معاهدي (ايس بي اي) جي پهرين جائزي تحت حڪومتي ٽيم سان فني سطح تي ٿيندڙ ڳاله?? ٻولهه جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ناٿ?? پورٽر پروگرام جي ٽه ماهي هدفن کي پورو ڪرڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪوش??ن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته سندس ڪوش??ن جي نتيجي ۾ فني سطح تي ڳاله?? ٻولهه جو مثبت نتيجو نڪتو آهي. هن چيو ته ٻنهي ٽيمن ايس بي اي جي مختلف رخن تي وسيع ڏس ۾ ڳاله?? ٻولهه ڪئي آهي. هنن فني سطح تي ڳاله?? ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان گڏ سندس ٽيم جي ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان سان جاري ڪم تي آءِ ايم ايف جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزير جي قيادت ۽ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ٽيم جي تعاون کي ساراهيو. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوش??ن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمين فيڊرل ??ورڊ آف روينيو ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.
نگران وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل