بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪز ??نص?? قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ڪميو??سٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي ڊپارٽمينٽ جي وزير ليو جيان چائو ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻن تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چين جي ڪميو??سٽ پارٽي جي پاڪ چين لاڳاپن ۽ گڏيل هم آهنگي وڌا??ڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چين جي ترقي ۾ ڪميو??سٽ پارٽي جي اهم ڪردار کي به ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي جي جذبن کي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو مرڪزي ??نص?? آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ليو جيان چائو عوام، قانونساز اسيمبلين، سياسي پارٽين، اسڪالرز، ميڊيا، نوجوانن، عورتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اهي رابطا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نسل در نسل دوستي جي فروغ کي يقيني بڻائيندا. ليو جيان چائو چيو ته نگران وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خصوصي دوستي جي روايتن جو عڪاس آهي. هن چيني ڪميو??سٽ پارٽي جي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي ۾ ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان نسل در نسل دوستي کي فروغ ملندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل