اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن، نرسن سميت هنرمند ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ هوشيار ذهنن کي ٻاهر وڃڻ کان ??وڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هو فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي شعبي ڊينٽسٽ ۽ نرسنگ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مقابلي وارين ملازمتن جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪم جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري لکيل پڙهيل ۽ هنرمند ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ پنهنجا وسيلا ڊاڪٽرن، انجنيئرز ۽ ٻين پيشيور ماڻهن تي لڳائي، جڏهن هنرمند انساني سرمائي مان ??هڙي طرح فائدو نه کڻي سگهيا، جنهن جي معيشت ۽ ترقي تي منفي اثر پوندو رهيو. هن چيو ته هنرمند ڊاڪٽرن جي ٻاهرئين ملڪ ملازمت کي گهٽ ڪرڻ جو موثر طريقو اهو آهي ته انهن جي لاءِ ملڪ جي اندر روزگار به??ر موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان کي صحت جي خدمتن جي شعبي ۾ ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي پر هن وقت اسان وٽ نرسن جو انگ 3 لک آهي. هن چيو ته ايف ايس سي (فيڪلٽي آف سائنس) پري ميڊيڪل جي رڳو 9 سيڪڙو شاگردن کي پاڪستان ??ي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ملي، جڏهن ته 25 سيڪڙو انگ اکر اسان ??ي خطي جي ملڪن جا آهن. ان ??ورتحال کي هڪ حڪمت عملي جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ انگ ۾ شاگردن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارا قائم ڪيا وڃن. صدر نشاندهي ڪئي ته اهي عورت ڊاڪٽر جن پنهنجي فيملي جي زندگي ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي شعبي کي خيرباد چئي ڇڏيو، اهو ملڪ جي لاءِ تمام وڏو نقصان ??هي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پيشن کان پري نه وڃن ۽ معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ت?? عورت ڊاڪٽرن جي لاءِ ڪم وارين جاين تي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي زچگي دوران موڪل کانپوءِ پروڊڪٽويٽي ۾ انهن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. صدر ميڊيڪل گريجوئيٽس کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مريضن جو علاج ڪندي همدرديءَ ۽ مهرباني جي قدرن کي اخ??يا?? ڪن. هن ماڻهن کي متعدي بيمارين ۽ وات جي صفائي بابت ??گا??ه ڪندي علاج بدران ??وڪٿام جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) عمران فيصل چيو ته ادارو انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي بهترين معيار جي ڏندن جي تعليم فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مريضن جي سارسنڀال ۽ انتظام جي سمورن رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نرسنگ جو شعبو بهترين تعليم فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جا گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيو آهي. صدر گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ ورهايا.
موجوده صورتحال ۾ هوشيار ذهنن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں