پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تو??ان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي تو??ان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، موسمياتي تبديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا تو??ان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان اسرندڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي و??و آهي، اسرندڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي توازن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل