اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرم??ن عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن ??ان خطرو آهي ثب??ت ڏي نه ته پنهنجو وات بند رکي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ٺاهي وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ ??ان وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي ٿو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي دماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وهيل چيئر تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثب??ت پيش ڪري ته ان جي حياتي کي ڪنهن ڪنهن ??ان خطرو آهي. هن چيو ته عمران خان کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ڪيس ??ان آهي ان لاءِ گولي، پلستر، دٻي، وهيل چيئر ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن به عدالت گهرائي ٿي ته هو گولي، پلستر، معذوري، با??ٽي دٻي جو بهانو بڻائي ٿو ۽ هاڻي وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ ئي پنهنجي حڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي وڌو، سائفر جي ڊرٽي راند کيڏي، بعد ۾ آمريڪا ??ان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي وڌو، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي گهرن مان ڪڍڻ ??ان اڳ پاڻ ته گهر ??ان ٻاهر نڪري. اڳ ۾ ڪاري با??ٽي مان منهن ٻاهر ڪڍڻ جو اعلان ڪري، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس جي تصوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمران خان ڏني هئي.
عمران خان عدالت وڃي جنهن جنهن کان خطرو آهي ثبوت ڏي نه ته پنهنجو وات بند رکي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری