اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامت?? جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ??يو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پاڪستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آه??. ه?? چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگ?? جي ٽيم سوڊان ۾ موجود پاڪستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آه??. ه?? چيو ته پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خط?? جي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پرڏيه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات