انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري ??ورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري ??ورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهباز شريف دوري ??وران ??در رجب طيب اردوان ??ان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن ج?? سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ س??ارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان ??و د??رو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري ??وران وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ س??ڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان ??ه ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ??رڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري ??ي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان ??رڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria