اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر ??زي??اعظم شهباز شريف کي وزارت ع??ميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم شهباز شريف برطانوي ??زي??اعظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي سندس ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. ??زي??اعظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ??زي??اعظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان حوالي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. ??زي??اعظم پاڪستان ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ