اسلام آباد – 22 – مارچ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانف??نس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانف??نس ۾ مسلمان امت ??ي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانف??نس جاري آهي، ڪانف??نس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانف??نس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جي??ي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانف??نس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانف??نس ڪاميابي سان جاري آهي.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون