اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب ۾ ??اڪ??تاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ??اڪ??تان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ڪرڻ جي منتظر ??هي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ??اڪ??تان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪ??ي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران ??اڪ??تاني قيدين جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن ??اڪ??تان ۾ رهڻ دوران پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ??اڪ??تان حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان وڌيڪ ??اڪ??تانين جي ميزباني ۾ سعودي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر