ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان ??اق??ي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، ا??و پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو در?? مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ??ري??ن ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين ساليا??ي عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ??ري??ن ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ??اق??ي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار ??اق??ي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به ??اق??و پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ ??اق??ا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا ??اق??ن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ ??اق??ي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن ??اق??ن جي اجازت نٿو ڏي.
پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر