اسلام آباد – 16 R11; نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپي?? جي لاڳت ??ان تعمير ٿيندو ۽ ا?? جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان رستي جي تعمير ??ان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ