اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تا??يخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ??بيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تا??يخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تا??يخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شر??ت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تا??يخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : راکی