ڪراچي – 28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگ??يب ۽ صلاحڪار مصدق ملڪ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اظهار راءِ، صحافت جي آزادي، عوامي ڀلائي جي منصوبن جي تشهير، معاشي خوشحالي ۾ ميڊيار جي ڪردار سميت اهميت وارن ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ صوبي ۾ سيڙپڪاري، صنعتي، ڪاروباري، واپاري، سماجي، ثقافتي ۽ ٻين مثبت سرگرمين ۾ تسلسل سان اض??فو ٿي رهيو آهي، ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي ??تي رات دير تائين واپاري، ڪاروباري، سماجي ۽ ٻيون سرگرميون جاري رهن ٿيون، وفاقي ??ڪومت جي قدمن سبب صوبي ۾ ترقياتي ڪم ??يزي سان جاري آهن جنهن سان عوام جي زندگي جو معيار پڻ بلند ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي گورنر سان مريم اورنگزيب ۽ صلاحڪار مصدق ملڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری