ڊيووس – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عا??مي اقتصادي فورم جي موقعي تي ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمر اشراق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، قومي صحت ۽ خدمتن واري و??ير سائره افضل تارڙ، اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص مددگار علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر حڪومتي اهلڪار به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي و??يراعظم صحت پروگرام ۽ پوري ملڪ ۾ حفاظي ٽڪن جي ڪوريج ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، هن صحت جي جامع سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ميڊ ٽرانڪ کي پاڪستان ۾ تربيتي ۽ تعليمي مرڪز کولڻ ۽ پاڪستاني اسپتالن سان حصيداري جي دعوت ڏني.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری