رياض – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته آرامڪو ??مپني جا 8 سيڪڙو ??يئرز حڪومتي ملڪيت کان سعودي انويسٽمنٽ فنڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۾ منتقل ڪيا و??ا آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرامڪو ??مپني جي شيئرز جي ملڪيت منتقل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ڪمپني جي ڪل شيئرز مان 82.186 سيڪڙو ??رڪاري ملڪيت ۾ رهجي و??ا آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته آرامڪو ??مپني جي شيئرز جي ملڪيت جي منتقلي ملڪ جي ڊگهي مدي واري معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته سعودي انويسٽمنٽ فنڊ نون شعبن کي متعارف ڪرائڻ، نيون اقتصادي شراڪتداريون پيدا ڪرڻ، وڌيڪ نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ کين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia