صنعا- 01- فيبروري (اي پي پي) ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامونڊي ج??ازن تي حوثين جي حملي ۽ حوثين جي ٺڪاڻن تي آمريڪي فضائي حملن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ج??هن سان ان اهم واپاري لنگهه کي استعمال ڪندڙ وڏيون ڪنٽينر ڪمپنيون پنهنجي سامونڊي ج??ازن جو رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيون آهن جنهن سان انهن جي خرچن ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏوگڏ يورپي ۽ آفريقي سپلائي چينز تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. شنهوا جي رپورٽ موجب ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ تقريبن ٽن مهينن کان اضافو ٿي رهيو آهي. تجزيه ڪارن خبردار ڪيو آهي ته هي صورتحال ڳاڙهي سمنڊ کي انتقام ۽ جوابي انتقام لاءِ ميدان جنگ بڻائي سگهي ٿي ج??هن سان نه رڳو خطي ۾ غير متوقع واقعا پيش اچي سگهن ٿا پر تڪرار وسيع تر علائقي ۾ پکڙجي سگهي ٿو. يمن جي حوثي باغين طرفان اربع ڏينهن ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ آمريڪي سامونڊي ج??از تي ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا.ان قدم عالمي ج??از راني کي متاثر ڪيو آهي ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرارن جو خدشو وڌي ويو آهي. حوثين چيو ته هنن آمريڪي ج??گي ج??از يو ايس ايس گريولي کي غزه ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ يمن خلاف آمريڪي قيادت ۾ جارحيت جي ج??اب ۾ نشانو بڻايو. هنن ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ سمورن آمريڪي ۽ برطانوي ج??گي ج??ازن کي جائز هدف قرار ڏنو ۽ غزه ??و گهيراءُ ختم ٿيڻ تائين اسرائيلي ج??ازن کي ڳاڙهي سمنڊ مان گذرڻ کان روڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. حوثي آڪٽوبر جي آخر کان ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامونڊي ج??ازن تي 30 کان وڌيڪ حملا ڪري چڪا آهن. يمني تجزيه ڪار ياسين تميمي چيو ته حوثين وٽ بحران کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هاڻي ڪافي طاقت موجود آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪي فضائي حملن انهن جي صلاحيتن کي وڏي پئماني تي متاثر ناهي ڪيو.گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي ج?? انگن اکرن موجب ٻن مهينن کان نهر سويز ذريعي روزاني ج?? آمدرفت ۾ 39 سيڪڙو ۽ هتان کان گذرندڙ ڪارگو جي وزن ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ سان چين کان يورپ تائين پهچ جي لاڳت وڌي وئي آهي ج??هن سان عالمي واپار متاثر ٿيو آهي. بلومبرڪ جي هڪ رپورٽ موجب وڏي بيمه ڪمپنين جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪندي وقت آمريڪي ۽ برطانوي سامونڊي ج??ازن کي انشورنس ڪوريج کان ڪڍي ڇڏيندا آهن، وڌيڪ انڊر رائٽرز جهازن کي سندن ملڪن کان پري رهڻ لاءِ چئي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ لاجسٽڪس ۽ لاڳت جا چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن، ڪلارڪسن سيڪويرٽيز هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايشيا ۾ موڪلن کان پهرين سامان گهرائيندڙن لاءِ ڪمپنين طرفان جلد بازي سامونڊي ??پلائي چين جي موجوده مسئلن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، ان پس منظر ۾ ايران ۽ آمريڪا جا هڪٻئي کي ڌمڪي آميز بيان ڳاڙهي سمنڊ کي ميدان جنگ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا، ڳاڙهي سمنڊ جي بحران کان متاثر ٿيندڙ سمورن آفريقن چيو ته هو علائقائي ج??گ کان بچڻ چاهين ٿا پر ان سان گڏوگڏ هو خطرن کي منهن ڏيڻ جي ذميواري هڪ ٻئي تي وجهڻ چاهين ٿا، ان پس منظر ۾ رابطن جي کوٽ ۽ سفارتڪاري ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش غلط اندازن ۽ غير ارادي نتيجن جي امڪانن جي باري ۾ خدشن کي ج??م ڏئي رهي آهي.
ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو عالمي جهاز راني لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم