گڏيل قومون-20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري جنرل انتونيوگوتريس نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پُرتشدد ڪارروايون فوري طور تي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. س??ڪر??ٽري جنرل جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته س??ڪر??ٽري جنرل کي خطي ۾ فوجي طاقت جي استعمال ۽ شهري آبادي سميت فوتگين جي رپورٽن تي انتهائي ڳڻتي آهي، س??ڪر??ٽري جنرل ويڙهه جي فوري خاتمي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ 2020ع جي ??نگ بندي جي معاهدي جي سختي سان پابندي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن ??مد??دي ادارن جي متاثر ماڻهن تائين فوري رسائي جو مطالبو به ڪيو ۽ چيو ته ڌريون اعتماد سازي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن جي قيام ۾ مدد لاءِ ڪوششون تي ٻيهر ڌيان ڏين. روسي ميڊيا جي ذريعن موجب روس ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو رتوڇاڻ بند ڪري سياسي ۽ سفارت?? حل جو رستو اختيار ڪن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آذربائيجان طرفان نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي واري صوبي خلاف جاري قدمن کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ يورپي يونين ۽ آمريڪا انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی