اسل??م آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسل??م آباد ۾ ڏهين ني??نل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهور?? نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ??هم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. ني??نل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.
موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز