اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي م??اد لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي م??ڪ جو انتهائي قيمتي اثاثو آهن، سينيٽ انٽرنشپ پ??وگ??ام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪري. اهڙو اظهار هن سمر انٽرنشپ پ??وگ??ام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ سمر انٽرنشپ پ??وگ??ام جي پڄاڻي جي م??قعي تي ان تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سينيٽ جي ڪميٽين ۽ سيڪريٽريٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي تي آئون اوهان سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته نوجوانن ?? سماجي ۽ معاشرتي ت??ديلي کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، نوجوان نسل کي م??ڪ جي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان ادارن کي سگهه ملندي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قانونسازي جي ايوانن ۾ نوجوانن جي شرڪت جو رجحان سڄي دنيا ۾ هٿي وٺي رهيو آهي، قانونسازي جي عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائيندي آهي ته حڪومتي پاليسيون نوجوانن جي امنگن جي عڪاسي ڪنديون آهن. هن چيو ته تاريخي طور تي نوجوانن سياسي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي ت??ديلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح نوجوان نسل جي صلاحيتن کي ت??ليم ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي قومي ت??مير لاءِ تيار ڪن. نوجوان مستقبل جا معمار آهن. نوجوانن جي م??ارتن ۽ صلاحيتن کي م??ڪي م??اد جي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽ انٽرنشپ پ??وگ??ام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪندو. نوجوانن انٽرنشپ پ??وگ??ام مان قانونسازي جي طريقيڪار، پاليسي سازي ۽ آفيس جي معاملن بابت نمايان آگاهي حاصل ڪئي. نوجوانن جو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪم جو تجربو انهن جي روشن مستقبل جي ضمانت ثابت ٿيندو. نوجوانن کي نه رڳو پارليامينٽرين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مل??و پر سينيٽ جي اعليٰ عملدارن جي ت??ربي مان به فائدو کنيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان سڀ اوهان جي روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون. اميد آهي ته اوهان سڀ پنهنجي محنت ۽ قابليت عيوض ملڪ جو قيمتي اثاثو ثابت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لاءِ ضروري آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil