اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاق?? وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ??روري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان ??عاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني ??ڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان ??روسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪاري وار?? وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن جي حوالي سان ??هم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاق?? وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاق?? وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاق?? وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاق?? وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان ??فضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري وار?? وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن پاران ??ڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪيو ته اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چيو ته سواءِ اسٽريٽجڪ سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا سرڪاري ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن انهن کي وڪرو ڪيو ويندو. ان ??والي سان وزيراعظم سمورين وفاق?? وزارتن کي ان ??والي سان ??روري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان ??عاون جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان ??والي سان ??هولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ انهي ئي پئسي سان ??روسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني ??ڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان ??نٽرنيشنل ايئرلائينز ڪمپني ??ميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان ??ڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ??ه وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس کي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان ??ڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني ??ئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سان ??روري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خساري وارن سرڪاري ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پري ڪواليفائيڊ پينل مقرر ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم پاران سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania