اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف م??انگائي ۾ گهٽتائي کي ع??ام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ق??م کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف م??انگائي ۾ گهٽتائي کي ع??ام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان ع??ام کي وڌيڪ ريليف م??ندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان به ع??ام کي ريليف م??ندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ق??م کڻن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان ع??ام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ع??ام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف م??ي سگهي.
وزيراعظم پاران مهانگائي ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت