اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ??ان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقياتي ب??نڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلي??ان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي ب??نڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي ب??نڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي ب??نڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي ب??نڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت ??ان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار، و??اقي وزير محمد اورنگزيب، و??اقي وزير ??طاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.
اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان جي سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مددگار آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بونانزا