ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪ??ي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي و??ير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪ??اب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهري??ن دورو آهي. ان موقعي تي و??يراعظم مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪ??اچي پهتو ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم