اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا??ُ الله تارڙ چيو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪو??ت پاران خصوصي تحفو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سمورو ڌيان مهانگائي ۾ گهٽتائي تي آهي. هن چيو ته اپريل جي مهيني ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 82 پئسا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ ڊالر ريٽ تي دارومدار هوندو ??هي?? ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي ق??ر مستحڪم ٿيڻ سان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ ڪاروباري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ايڪسچينج ريٽ ۽ رپئي جي ق??ر مستحڪم آهي. نگران دور ۾ به رپئي جي ق??ر مستحڪم رهي، جيڪڏهن حالتن ۾ اهڙي طرح بهتري رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي رسالا به چئي رهيا آهن ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي ??هي?? بلومبرگ پڻ چيو آهي ته ٻه سيڪڙو مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي ??هي?? جڏهن ته بلومبرگ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر سامهون اچي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي چوري جي خلاف قدم کڻي رهي ??هي?? بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ بهترين حل سامهون آڻي رهي آهي.
عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا