اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو ف??بي?? عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم او آءِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ساراه??ند?? چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي لاءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آهي. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو ف??بي?? جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائ??ند?? چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil