اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪيا وڃن، پوسٽ ماسٽر جنرل پنجاب لاهور پاران تاريخ پيدائش ۾ غلط?? جي ڪري اڳوڻي ملازم جي پينشن جي مراعتن مان غلط طريقي سان رقم ڪاٽي وئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? ملازم مجاز اٿارٽ?? جي حڪم تي رٽائرمينٽ کانپوءِ وڌيڪ چار سال پنهنجي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان مد?? جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ جو پڪو يقين رکندو هو. هن وڌيڪ چيو ت?? ملازم کي پينشن جي فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ ان جي ف??ضن جي سرانجام ڏيڻ ۾ ادا ڪيل پگهار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني ۽ بدانتظامي آهي. صدر اهي ريمارڪس محمد يوسف (شڪايت ڪندڙ) پاران وفاقي محتسب جي فيصل?? جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي قبول ڪندي ڏنا. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيو ت?? پاڪستان پوسٽ ان جي پينشنري فائدن مان رقم ڪاٽي ورتي آهي. شڪايت ڪندڙ الزام هنيو هو ت?? هن ايجنسي ۾ 38 سال خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هو 2016ع م رٽائرڊ ٿيو پر ان جي کاتي ان جي تاريخ پيدائش غلط داخل ڪئي جنهن جي ڪري ان جي رٽائرمينٽ جو سال 2012ع ۾ تبديل ڪيو ويو جنهن جي ڪري 1.35 ملين رپين جي رقم ان جي پينشنري مراعتن مان چار سال جي پگهار جي بدلي بنا جواز ڪاٽي وئي. بعد ۾ ان حوالي سان وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ويو جنهن پاڪستان پوسٽ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب جي فيصل?? جي خلاف صدر آڏو ان معاملي کي اٿاريندي اپيل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شڪايت ڪندڙ جي درخواست کي قبول ڪندي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ کي تاريخ 04.06.2015 جي خط جي ذريعي شڪايت ڪندڙ کي آگاهه ڪيو ت?? ان جي رٽائرمينٽ 05.05.2016 کان لاڳو هوندي ۽ شڪايت ڪندڙ ايجنس?? جي ڄاڻايل حڪم جي بنياد تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. هن چيو ت?? جيتوڻيڪ فيڊرل سروس ٽربيونل ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ذريعي ملازم جي رٽائرمينٽ جي صحيح تاريخ جو معاملو طئي ٿي ويو هو ت??هن هوندي به ڪنهن ڪارڪن کي ان جي خدمتن جي عيوض پگهار کان محروم ڪرڻ جو معاملو اڃا تائين حل طلب آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ نشاندهي ڪئي ته شڪايت ڪندڙ کي حڪم موجب ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ پگهار ادا ڪئي وئي هئي ۽ ڄاڻايل مد?? جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ ان جو حقيقي يقين هو. ٻين لفظن ۾ هو غلطي تي نه هو ڇو ت?? هن مجاز اٿارٽ?? جي حڪم تي عمل ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي انجنيئر ان چيف برانچ ۾ دفاع واري وزارت وغيره بمقابلا جلال الدين (PLD 1992 SC 207) ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به حوالو ڏنو، جنهن ۾ مدعي جلال الدين کي غيرقانوني طور تي اعليٰ عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي ۽ ان وقت تائين پگهار ادا ڪئي وئ?? جيستائين جو پروموشن غيرقانوني ثابت ٿي وئي ۽ پروموشن آرڊر رد ڪيا ويا. اداري ان جي اعليٰ عهدي تي فائز رهڻ دوران ادا ڪيل پگهارن جي وصول?? جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي هئي. هن فيڊرل سروس ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. اپيل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران اهو قرار ڏنو ويو هو ت?? جيتوڻيڪ اٿارٽي مجاز آهي ته غيرقانوني حڪ?? واپس وٺي، جواب ڏيندڙ پگهار جي مدر رقم حاصل ڪئي هئي ڇو ت?? هن فرض سرانجام ڏنا هئا جڏهن ته ادارو ان مدي دوران ورتل رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ت?? ”جيستائين بحث هيٺ رقم جي وصولي جو تعلق آهي، لوڪس پوئينٽينشيا (Locus Poenitentiae) جو اصول لاڳو ٿيندو ۽ اپيل ڪندڙ رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ت?? وفاقي محتسب غلطي سان ايجنسي کي شڪايت ڪندڙ کان وڌي?? ادا ڪيل رقم جي وصولي جو جواز فراهم ڪيو هو ۽ هو لوڪس پوئنيٽينشيا جي اصول جي تعريف ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن جي ڪري اداري کي وصول ڪيل رقم جي وصولي کان روڪيو ويو هو. صدر چيو ت?? حضور نبي اڪرم ﷺاسان کي مزدور جو پگهر سُڪڻ کان اڳ اجر?? ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪو قانون محنت جي وقار جي ان جذبي کي زير نه ٿو ڪري سگهي. شڪايت ڪندڙ کي پينشنري فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ پاڪستان پوسٽ پاران ڊيوٽ?? جي ادائيگي ۾ ادا ڪيل پگهار جي ڪٽوتي غيرقانوني آهي. هن نتيجو اخذ ڪيو ۽ پاڪستان پوسٽ کي هدايت ڪئي ته وصول ٿيل رقم شڪايت ڪندڙ کي ادا ڪري.
صدر پاران پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن