اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسم?? ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي ت??ام گهڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بلتستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسم?? ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي ت??ام گهڻي خوشي ٿي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻي?? عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگاهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha