اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو ا??غا??ستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت ا??غا??ستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس ا??غا??ستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. هن چيو ته آصف دراني دوري دوران ا??غا??ستان جي وقتي نائب وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي وزير ??اڪ??ر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وزير شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ?? سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ا??غا??ستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري ا??غا?? حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.
پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات