اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مان اهي لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي محفوظ رکيو، ??لله تعاليٰ سدائين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ڪ??هه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئ?? جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪ??ي هئ??، وائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، منهنجي درخواست آهي ??ه اهو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تع??يم?? ادارن ۾ سياست ٿي رهي ??هي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪ??ي هئ??، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ??ه معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تائين منهنجي آڏو ناهي ??يو، ??وهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، ??وهان جو وڏپڻو آهي ??ه اوهان معذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئ??، هن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.
دفاع واري وفاقي وزير پاران بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي معذرت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر