اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ ??اڪ??تاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر جي نالي خط لکي?? آهي جنهن ۾ هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ ??اڪ??تاني سيڙپڪار ملڪ محمد آصف کي ڪاروباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو وي?? آهي ته ملڪ محمد آصف انڊونيشيا جي عملدارن کي ??اڪ??تاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪ?? آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان ??ان اڳ ملڪ محمد آصف صدر کي انڊونيشيا جي صدر جو ڌيان ??ڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.
صدر پاران انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ ذاتي ڌيان جي درخواست
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2