اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي ح??ال?? سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪ??مت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪ??مت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي حوايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت جي ح??ال?? سان وزيراعظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مه??نو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي ح??ال?? سان ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان ح??ال?? سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان ح??ال?? سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان ح??ال?? سان مواد شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان ح??ال?? سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز