اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي سڀني پاڪستانين نالي پنهنجي خط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي خط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پرڏيهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي خط ۾ ه?? پاڪ برطانيه ??گهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه ??ڏ آهن. ”اس??ن گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“
پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria