ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاق ۽ بلوچستان جي حڪومت قومي جذبي سان متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪار?? جي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو آهي، ??يمتي جانين جي نقصان سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي جون ڪوششون ??اراهه جوڳيون ??هن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ا??ن ڊي اي?? اي، پي ڊي اي?? اي سميت ٻيا ادارا ۽ وفاقي حڪومت گڏجي قدم کڻي رهيا آهن، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪار?? جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم ا??ن ڊي اي?? اي کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، انهن جي خاندانن جي بحالي اسان سڀن?? جي گڏيل ذميواري آهي، امداد متاثرين جي گهرن تائين پهچائي وڃي، ??ي ڊي اي?? اي ۽ ا??ن ڊي اي?? اي کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، زخمين کي به فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته جن متاثرين جي گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو وڌائي 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيستائين آخري متاثر گهر آباد نه ٿو ٿئي سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرنديءَ وارن ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ان حوالي سان 3 تاريخ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
وزيراعظم پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará