اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال سياسي مخالفن تي ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل ڪيسز قائم ڪيا ويا، سياسي مخالفن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ رکيو ويو، هاڻي عمران خان پاران اهڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته حڪومت جون اتحادي پارٽيون پنهنجي ??لاف ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ نيب ترميمون ڪري رهيون آهن، عمران خان گذريل چار سالن دوران جيڪي الزام هنيا هو هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيا. اها ڳالهه هن ڪابينا اجلاس کانپوءِ توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري واري وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چئي. وفاقي ڪابينا جي فيصلن کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ناڻي واري ڊويزن جي ??فارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي لاءِ ڪرو حسين چوڌري اينڊ ڪمپني (Crowe Hussain and Co) کي مالي سال 22 – 2021ع جي ??يڪسٽرنل آڊيٽرز طور مقرري جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته جون 2022ع ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار 23900 ميگاواٽ هئي. 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي ??ور ۾ جيڪا بجلي پيدا ٿي اها 23900 جي موجوده گنجائش جو اڌ آهي. هن چيو ته جون ۾ شديد گرمي جي ڪري بجلي جي ??لب 30 هزار ميگاواٽ تائين پهتي جيڪا تاريخي ڊيمانڊ آهي. هن چيو ته گذريل چار سال راڳ آلاپيو ويندو رهيو ته مسلم ليگ (ن) اضافي بجلي پيدا ڪري وئي. هن چيو ته گذريل چار سال دوران ڪيترائي اهم منصوبا شروع نه ٿي سگهيا، ان جي ڪري اڄ اسان جي ??جلي جي پيداوار متاثر ٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي ??فارش تي ڪيبنيٽ ڪميٽي آن ليجسليٽو ڪيسز (سي سي ايل سي) جي 29 جون 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي، انهن فيصلن ۾ انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (فنانشل) رولز 2022ع، انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (سروس) رولز 2022ع، پبلي ڪيشن آف لاز آف پاڪستان (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري سميت نيشنل اڪائونٽيبلٽي (ترميمي) بل 2022ع شامل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڊويزن جي ??فارش تي ڪابينا جي پرائيوٽائيزيشن بابت ڪميٽي جي 24 جون 2022ع جي منعقد اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي پڻ غور ڪيو ويو. ليگل فريم ورڪ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) ڪمرشل ٽرانزيڪشنز جي ??والي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي ??ربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز جي ??حالي (پي ايس ايم سي) ٽرانزيڪشنز ۽ سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري جي ??والي سان نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي تي پڻ غور ڪيو. هن ٻڌايو ته سولر انرجي ??ي ٽاسڪ فورس جي پريزنٽيشن ايندڙ ڪابينا جي ??جلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته زراعت بابت قائم ٽاسڪ فورس موجوده بجيٽ 2022ع ۾ ڏنل مراعتن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجون تجويزون ڪابينا کي پيش ڪندي، ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي 5 ماڻهن جا نالا اي سي ايل تان هٽائڻ جي پڻ منظوري ڏني. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته قومي احتساب (ترميمي) بل 2022ع تي قانون وارو وفاقي وزير تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندو. هن چيو ته عمران خان پاران اهڙو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اتحادي پارٽيون پنهنجي ??لاف ڪيسز ختم ڪرائڻ جي لاءِ نيب ترميمون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته گذريل چار سال ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل ڪيسز قائم ڪيا ويا. گذريل چار سال اهو ئي قانون هو، عمران خان وزيراعظم هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ به هو، ان سڀني جي ??اوجود عمران خان جيترا الزام هنيا هو عدالت ۾ هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيا.
گذريل چار سال سياسي مخالفن تي ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل ڪيسز قائم ڪيا ويا: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی