اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ دوستي ۽ محبت جي ??ازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، ??نه?? ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن، ترڪيءَ جو پاڪستان جي ??ر شعبي ۾ تعاون ??نه?? ملڪن جي ??ڪ ٻئي جي ??اءِ محبت جو اظهار آهي. اها ڳالهه اي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل سان گڏ ربن ڪاٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو ترڪي جي تعاون ۽ رابطن واري اداري (تيڪا) جي تعاون سا?? ا?? گريڊ ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا وسيع ۽ پئماني تي ڏورس اثر پوندا. ان قدم سان يقين?? طور تي اي پي پي اردو نيوز سروس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اڄ اي پي پي جي ??هچ کي وڌائڻ جي حوالي سان حاصل ڪيو آهي. مريم اورنگزيب صحت، تعليم ۽ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ منصوبن جي شروع ڪرڻ تي ترڪ حڪومت جي ڪردار کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير جي ??اڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ رابطا قائم ڪيا، اسان سندس قدمن کي سدائين ياد رکنداسين. هو پاڪستان جو هڪ عظيم دوست آهي. هن چيو ته ترڪ سفير اي پي پي جي ??اءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اي پي پي جي 43 ملڪن سان خبرن جي ??ٽاسٽا جا معاهدا موجود آهن. مريم اورنگزيب نيوز آپريشنز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ اي پي پي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان سان پوري دنيا ۾ اي پي پي جي ??هچ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ان کان اڳ اي پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي اي پي پي جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي ??عاملن ۽ نئين قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪ سفير کي سووينيئر پڻ پيش ڪيو. ان کان اڳ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اي پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير، اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ترڪيءَ جي سفير جو اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات واري وزارت ??و سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ارشد منير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
پاڪستان ۽ ترڪيءَ دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری