اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي ل??ءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي ??ڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي ??ڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي ??ڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ل??ءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت بلتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت بلتستان جي ترقي جي ل??ءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي ??ڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ گ??گت بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پ?? موجود هئا.
گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بونانزا