اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي م??ارت مان فائدو کڻندي ع??ام کي ريليف فرا??م ڪرڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ??بص??ر حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي م??جود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي ع??رتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي م??نڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فرا??م ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ع??ام کي ريليف فرا??م ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي م??ي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena