اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي چيئرمين سينيٽر ??يصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا، تحريڪ انصاف پريڊ ايوينيو ۾ ??ار??خ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر سان بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين بيهي به نه سگهندا، انهن جي سين ۾ فل اسٽاپ اچي چڪو آهي، اهي فلاپ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اها فتح ق??م جي فتح هوندي، ق??م جڏهن جاڳندي آهي تڏهن فتح حاصل ٿيندي آهي، اها ق??م جاڳي وئي آهي، هن چيو ته اسان مخالف ڌر سميت ڪنهن کي به برو ڀلو نه چونداسين، هنن چيو ته جيڪي اسان جي لاءِ ڪيو اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، انهن جي لاءِ بهترين لفظ ۽ بهترين زبان استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ ٽريپ جي اندر اچي وئي آهي،اسان هڪ جلسو رکيو هو، هنن به هڪ جلسو رکي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر اچي جلسا ڪري، ڪو به غير قانوني ڪم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو.مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ گهرجي ق??م جي سامهون واضح ٿي ويندو ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، حڪومت جو پريڊ ايوينيو ۾ جلسو پاڪستان جي ??ار??خ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪندو.
مخالف ڌر سان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اهي 2028ع تائين اٿي نه سگهندا: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں