اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جديد تاريخ جو سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي ج??وجهد ۾ بلڪل واضح انداز ۾ ڪشميرين سان گڏ بي??ل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنج جنوري 1949ع تي گڏيل قومن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي هڪ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ جي حق جي ذريعي خودمختياري واري حق جي ضمانت ڏني، اسان ان ڏينهن کي گڏيل قومن ۽ ان جي ميمبر رياستن کي ڪشمير واسين سان جڙيل ان اڌوري وچن جي يادگيري ڪرائڻ جي طور تي ملهائيندا آهيون، جنهن کي نڀائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان جديد تاريخ جي سڀ کان بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي ج??وجهد ۾ ڪشمير واسين سان گڏ بلڪل واضح انداز ۾ بي??ل آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون