اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به اس??عيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ جمهوري ??ڪو??ت کي جمهوري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا ??ڪو??ت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا ??ڪو??ت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدال?? کان ڀڄي ??يندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اس??ن کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جمهوري ??ڪو??ت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان جي چوڻ تي ميمبر استعيفيٰ نه ڏيندا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ