اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سا??ن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل م??صدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري ق??م کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيص??ن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
وزيراعظم افغان صدر جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado