واشنگٽن – 23 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ?? آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ ملاقات بنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وائيٽ هائوس ۾ پاڪستان ?? آمريڪا جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيل ملاقات گڏيل لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات آهي. ان ملاقات ۾ آمريڪي صدر پاڪستان ?? هندستان وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير تي ٽياڪڙي ڪ??ڻ جي آڇ ڪئي آهي. آمريڪي صدر آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري تي پاڪستان جي حڪومت کي واکاڻيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر